46

ملير ڀرسان گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي مان هڪ عورت سميت ٻن معصوم ٻارن جا لاش هٿ

ملير ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ عورت سميت ٻن معصوم ٻارن جا لاش هٿ آيا آهن. رپورٽ موجب ملير ڀرسان سکھن ٿاڻي جي حد بختاور ڳوٺ جي گيٽ نمبر ٽي ۾ ھڪ گھر اندر پاڻي جي ٽانڪي مان ھڪ عورت سميت ٻن معصوم ٻارن جا لاش ھٿ ڪيا ويا آهن جن کي   ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻڏي فوت ٿي ويلن  جي سڄاڻپ 35ورھين جي شائلا، 3 ورھين جو روھاب ۽ 5 ورھين جي  يسرا جي نالي سان ڪئي وئي آهي.  پوليس موجب واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو