سنڌ جي گهرو وزارت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ 17 سيپٽمبر تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.آءِ جي سنڌ جي درخواست تي گهرو وزارت طرفان ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي. ضلع جنوبي ۾ 13، 14 ۽ 16، 17 سيپٽمبر تائين ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.اهڙي طرح ڪراچي جي ضلعي شرقي ۾ 13، 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي موٽر سائيڪل سوار ٻيلهه سواري نه ڪري سگهندا. ضلعي غربي ۾ به 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.گهرو وزارت موجب حيدرآباد، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، سکر، ڪشمور، خيرپور، دادو، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ گهوٽڪي ۾ به ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي حيدرآباد ۾ 12 ربيع الاول تائين پابندي لڳائي وئي آهي.سنڌ جي شهرن دادو ۽ سکر ۾ 16 ۽ 17 سيپٽمبر جڏهن ته نوابشاهه ۽ سانگهڙ ۾ 17 سيپٽمبر تائين ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي. خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ 13 کان 16 سيپٽمبر تائين ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.