وزيراعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيمه ۽ علي پرويز ملڪ به شريڪ هئا. ملاقات ۾ وفاقي حڪومت طرفان سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ وفاق، صوبي جي تعاون سان جاري عوامي مفاد جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورو ادا ڪيو. مراد علي شاهه شهباز شريف کي صوبي ۾ جاري توانائي جي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.