توهين مذهب جي الزام ۾ گرفتار جوابدار کي پوليس اهلڪار فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب توهين مذهب جي الزام ۾ هڪ شخص کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو هو ٿاڻي ۾ بند جوابدار کي پوليس اهلڪار گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس چيو آهي ته جوابدار کي ٿاڻي ۾ گولي هڻي قتل ڪندڙ اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪوئٽه جي علائقي اسپيني روڊ مان توهين رسالت صه جي الزام ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪري خروٽ آباد ٿاڻي منتقل ڪيو ويو ته مڇريل شهرين ٿاڻي تي حملو ڪري ڏنو هو.