پشاور هاءِ ڪورٽ بنون بئنچ اينٽي ڪرپشن ٽيم کي جج همايون دلاور جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.جج همايون دلاور پنهنجي خلاف داخل ايف آءِ آر پشاور هاءِ ڪورٽ بنون بئنچ ۾ چئلينج ڪئي هئي.جج همايون دلاور طرفان ملڪ ذيشان ايڊووڪيٽ ۽ احمد فاروق خٽڪ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت اينٽي ڪرپشن ٽيم کي جج همايون دلاور جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.جسٽس ڪامران حيات ۽ جسٽس ڊاڪٽر خورشيد اقبال تي ٻڌل بئنچ اينٽي ڪرپشن ٽيم کي رڪارڊ طلب ڪري ورتو.