پريالوءِ ڀرسان پراسرار طور فوت ٿيل 13 ڀاتين کي زهر ۽ نشي واريون دوائون ڏئي مارڻ جو انڪشاف
پريالوءِ لڳ پراسرار طور فوت ٿيل هڪ ئي خاندان جي 13 ڀاتين کي زهر ۽ نشي واريون دوائون ڏئي مارڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي فوت ٿيل 13 ڀاتين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو ويو آهي ته حاجياڻي ڌيءَ غوث بخش، مريم ۽ ٻين جي رت جي جزن ۾ زهريلي دوا ۽ نشي جي جزن جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي پوليس موجب فوتين کي اٽي، کير يا کاڌي پيتي جي ٻين شين ۾ زهريلي دوا ۽ نشي واريون گوريون ملائي ڏنيون ويون هيون ايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن جي معدي، نڪ ۽ جسم جي ٻين حصن توڙي رت جا سيمپل ورتا ويا هئاايس ايس پي خيرپور سميع الله سومرو موجب 13 ڄڻن کي زهر ڏئي مارڻ واري ميڊيڪل رپورٽ تي تفصيلي غور ڪري رهيا آهيون، واقعي جي سمورن رخن جو جائزو وٺي ڪارروائي ڪنداسين 20 ڏينهن اڳ هيبت بروهي ڳوٺ ۾ گل بيگ بروهي، سندس گهر واري گل بي بي، سندس پٽ، ڌيئر ۽ هڪ مهمان پراسرار طور فوت ٿي ويا هئا، ٻارن ۽ عورتن سميت 13 ڄڻن چئن ڏينهن دوران وقفي وقفي سان سول اسپتال خيرپور ۾ دم ڏنو