خيرپور ( رپورٽر ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پورهيت خادم ابڙو جي گهر تي هٿياربندن جو قاتلاڻو حملو، هڪ عورت سميت 3 ڄڻا رتورت، اسپتال منتقل، هڪ جي حالت نازڪ، جوابدار فرار، زخمي اسپتال منتقل،فرياد باوجود پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، متاثرين جو سول اسپتال ۾ احتجاج، نوٽيس جو مطالبو، خبر موجب قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل خادم حسين ابڙو، طالب حسين، مسمات نظيران زال خادم ابڙو، شهزادي خاتون ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته 3 لک پئسن جي ڏيتي ليتي تان جوابدارن ارشاد جتوئي، صحبت رند 4 نامعلوم هٿياربندن سان گڏجي اسان جي گهر ۾ داخل ٿي قاتلاڻو حملو ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ خادم، طالب نظيران رتورت ٿين بعد سخت زخمي ٿي پيا، واقعي جي بروقت اطلاع باوجود پوليس نه پهتي ، جنهن بعد فرياد ڪئي سون پر بي سيڪشن پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري نه وري هن وقت تائين جوابدار گرفتار ٿي سگهيا آهن الٽو جوابدار ڌر ظلم خلاف آواز اٿارن تي سخت ڌمڪيون پيا ڏين، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفط فراهم ڪيو وڃي،