وزيراعظم شهباز شريف آئيني ترميم تي مسلم ليگ(ن) جي پارلياماني پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ شام 7 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم آئيني اصلاحات جي باري ۾ پارلياماني پارٽي کي اعتماد ۾ وٺندو ۽ اجلاس کان پوءِ ميمبرن کي ڊنر به ڏنو ويندو.ذريعن چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ پارٽي جي پارلياماني اڳواڻن طرفان ٿيندڙ سوالن جا جواب ڏيندو ۽ انهن کي آئيني ترميم تي اعتماد ۾ وٺندو.ٻئي طرف انهي ڳالهه جو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ جي ججز جي عمر ۾ واڌ جي حوالي سان اهم آئيني ترميم اڄ پارليامينٽ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ انهي حوالي سان گذريل ڏينهن دفاع وارو وزير خواجه اصف به تصديق ڪري چڪو آهي. جڏهن ته وزيراعظم جي قانوني معاملن واري صلاحڪار بيرسٽر عقيل دعويٰ ڪئي آهي ته آئيني ترميم جي لاءِ حڪومت کي ميمبرن جي گهربل حمايت حاصل ٿي وئي آهي.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجه الزام لڳايو آهي ته حڪومت اسان جي ميمبرن سان زور زبردستي ڪري انهن کي دٻاءُ ۾ آڻي ترميم منظور ڪرائي سگهي ٿي.