پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جي معاملي تي پنجاب حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي مطالبن تي خدشن جو شڪار ٿي وئي آهي.ذريعن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ جي پاور شيئرنگ بابت ايندڙ اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو. اجلاس ۾(ن) ليگ طرفان اسحاق ڊار، راڻا ثناءُالله ۽ مريم اورنگزيب شامل هوندا. جڏهن ته نديم افضل چن ۽ علي حيدر گيلاني پيپلز پارٽي جي نمائندگي ڪندا.ذريعن ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي(ن) ليگ کي پنهنجن مطالبن ۽ تجويزن کان آگاهه ڪيو هو، پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان(ن) ليگ کي لا آفيسرن جي لسٽ اماڻي هئي، پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پوليس آفيسرن کان ڪم ڪرائڻ جي لاءِ ضلعي جي سطح تي ڪميٽيون ٺاهڻ جي تجويز ڏني هئي.پيپلز پارٽي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي ترقياتي فنڊز جي فراهمي جو پيڪيج به طئي ٿي چڪو آهي. پنجاب حڪومت طرفان پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي 25 ڪروڙ روپين جا فنڊز ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي چونڊن ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ووٽ وٺندڙ ٽڪيٽ هولڊرز کي به 25 ڪروڙ روپين جا ترقياتي فنڊز ڏيڻ جي تجويز ڏني هئي.مخصوص سيتن تي پيپلز پارٽي جي چونڊيل عورت ميمبرن کي 10 ڪروڙ روپين جا ترقياتي فنڊز ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي هئي جڏهن ته هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي 2 لا آفيسرن جي مقرري جو به(ن) ليگ کان مطالبو ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي هر ضلعي جي مارڪيٽ ڪميٽين، بيت المال ۽ زڪوات ڪميٽين ۾ به پنهنجا نمائندا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.