دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج پي ٽي آءِ اڳواڻن شير افضل، شيخ وقاص ۽ احمد چٺه جي درخواست ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج پارليامينٽ هائوس مان گرفتار پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن شير افضل مروت، شيخ وقاص اڪرم ۽ احمد ڇٺه جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.شير افضل مروت، شعيب شاهين، شيخ وقاص اڪرم، زين قريشي ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ڊيوٽي جج طاهرعباس سپرا جي عدالت ۾ ٿي.ڊيوٽي جج طاهر عباس سپرا چيو ته پراسيڪيوٽر راجا نويد ناهي آيو انهي لاءِ ٻڌڻي هڪ ڏينهن کان پوءِ ٿيندي، ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي چيو ته ايم اين ايز سب جيل ۾ آهي، پر شعيب شاهين ۽ ٻيا ڪارڪن ته جيل ۾ ئي آهن، ڪيس ۾ پوليس اهلڪار کي مارڻ جو ذڪر آهي پر ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ موجود نه آهي، شعيب شاهين تي پستول رکڻ جو الزام آهي پر واقعي وار يهنڌان صرف هڪ ڏنڊو هٿ آيو آهي.جج طاهر عباس سپرا پڇاڻو ڪيو ته ڏنڊي جي ريڪوري ڪٿي لکيل آهي؟ جنهن تي وڪيل صفائي چيو ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جاچ افيسر ٻڌايو ته شعيب شاهين کان ڏنڊو مليو.دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج چيو ته ڊيوٽي جج صرف تڪڙو ڪيس ئي ٻڌي سگهي ٿو، ڪوشش هوندي ته شعيب شاهين جي ضمانت واري درخواست تي اڄ ئي فيصلو ڪري ڇڏيان، شعيب شاهين جي باري ۾ چيو ويو ته اهو پکي به نٿو جهلي سگهي پر ان باوجود پستول جو الزام هنيو ويو، طاهر عباس سپرا جي ريمارڪس تي عدالت ۾ ٽهڪڙا لڳي ويا.عدالت شعيب شاهين جي ضمانت واري درخواست تي دليلن جي لاءِ پراسيڪيوٽر کي طلب ڪري ورتو، وڪيل صفائي چيو ته اوهان سڀ وڃي چانهه پيئو جج طاهر عباس سپرا شير افضل، شيخ وقاص ۽ احمد چٺه جي ضمانت تي درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي ۽ چيو ته شعيب شاهين جي حد تائين ضمانت واري درخواست تي ڪوشش ڪريان ٿو ته اڄ فيصلو ڪريان.جج طاهر عباس سپرا چيو ته شير افضل مروت، شيخ وقاص، اڪرم ۽ احمد چٺه جو گهر ائين ئي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي. جنهن کان پوءِ شير افضل مروت، شيخ وقاص اڪرم ۽ احمد چٺه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي.