قومي اسيمبلي جي اڄ ٿيندڙ اهم اجلاس جو وقت تبديل

قومي اسيمبلي جي اڄ ٿيندڙ اهم اجلاس جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ساڍي 11 وڳي طلب ڪيو ويو هو جنهن جو 6 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا به جاري ڪيو ويو هو پر هاڻ قومي اسيمبلي جي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جو اجلاس هاڻ ساڍي 11 وڳي جي بجاءِ شام جو 4 وڳي ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي وقت ۾ تبديلي اسپيشل پارلياماني ڪميٽي جي خصوصي سفارش تي ڪئي وئي.ڪميٽي صبح 10 وڳي جي اجلاس کان پوءِ اسپيڪر کي چيو ته اهم معاملن تي فيصلن لاءِ وقت جي ضرورت آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪميٽي جي درخواست تي اڄوڪي اجلاس جو وقت تبديل ڪري ڇڏيو ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس جي وقت جي تبديلي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.اڄ ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ سوالن جي وقفي کان علاوه 2 ڌيان ڏياريو نوٽيس شامل آهن. صدر جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي خطاب اظهار تشڪر به ايجنڊا ۾ شامل آهي. انهي کان علاوه ميمبرن طرفان اعتراضن جو نقطو اٿارڻ جو معاملو به ايجنڊا جو حصو آهي.حڪومت جو گڏيل آئيني ترميم جو بل ضمني ايجنڊا جي ذريعي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. آئيني ترميم جي قومي اسيمبلي مان منظوري جي لاءِ جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آء) ف جو ڪردار اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ڪجهه ڏينهن جي دوران وزيراعظم شهباز شريف 2 ڀيرا مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري چڪو آهي. جڏهن ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري به جي يو آءِ سربراهه سان ملاقات ڪري آئيني ترميم ۾ ساٿ ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي.انهي کان علاوه گذريل پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد به مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي وڃي ملاقات ڪئي هئي. جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون. ياد رهي ته قومي اسيمبلي کان علاوه سينيٽ جو اجلاس به اڄ شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.