سمورن پ پ سينيٽرز، ايم اين ايز کي پارٽي طرفان مليل هدايتن موجب ووٽ ڏيڻ جو حڪم

 سمورن پ پ سينيٽرز ۽ ايم اين ايز کي پارٽي جي هدايتن موجب ووٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري پارٽي جي سمورن سينيٽرز ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي نالي هڪ خط لکي کين هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.نيئر حسين بخاري پارٽي جي سمورن سينيٽرز ۽  قومي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي  موجوده سيشن اجلاس ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بنائين.پ پ ميمبرن کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارٽي قيادت جي هدايتن موجب ڪنهن به قانونسازي  يا بل تي ووٽ ڏين. اهو خط سيد نيئر حسين بخاري جي صحيح سان جاري ڪيو ويو آهي.