بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سنڌ ڪابينا طرفان پيدائشي سرٽيفڪيٽ کي مفت ڪرڻ جي منظوري کي سٺو قدم قرار ڏئي ڇڏيو

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، سينيٽر روبينه خالد، سنڌ ڪابينا طرفان صوبي سنڌ جي ٻارن جي ڄمڻ جي داخلا (برٿ سرٽيفڪيٽ) کي مفت ڪرڻ ۽ ان جي فيس ختم ڪرڻ جي منظوري کي سٺو قدم قرار ڏيندي، وزيراعليٰ سنڌ ۽ ڪابينا ميمبرن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو آهي.ان حوالي سان چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي هدايتن تي، ڊائريڪٽر جنرل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ، ذوالفقار علي شيخ، صوبائي وزير بلديات سعيد غني، وزير تعليم سيد سردار علي شاهه، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين وزيرن سان ڪيترين ملاقاتن ۾ بي آءِ ايس پي جي رجسٽرڊ مستحق عورتن کي ٻارن جي ڄمڻ واري سرٽيفڪيٽ ۽ بي فارم جاري ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪئي هئي. ان سان گڏ ري-سرٽيفڪيشن سروي جي اهميت بابت به آگاهي ڏني هئي ۽ ٻارن جي ڄمڻ جي داخلا جي فيس معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا نادرا بي فارم جاري ڪرڻ ۽ حاصل ڪرڻ ۾ هڪ اهم دستاويز آهي.چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هن فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي هن عوام دوست فيصلي سان هاڻي سنڌ جي مستحق ۽ پوئتي پيل عورتن کي هن پروگرام تحت ٻيهر سرٽيفڪيشن سروي ڪرائڻ ۾ آساني ٿيندي، ۽ سروي ۾ اهل قرار ڏنل غريب خاندانن جا ٻار بينظير تعليمي وظيفن مان پڻ لاڀ حاصل ڪري سگهندا.