آئيني ترميم جي حمايت: اختر مينگل 2 ووٽن جي بدلي 2 هزار گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي شرط رکي ڇڏي

 آئيني ترميم جي معاملي تي سينيٽ ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) مينگل جا 2 ووٽ اهميت اختيار ڪري ويا.ذريعن موجب اڳوڻي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سردار اختر مينگل سان رابطو ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اختر مينگل آئيني ترميم جو مسودو گهري ورتو آهي ۽ صادق سنجراڻي سردار اختر مينگل جي مطالبن تي ڳالهيون ڪيون آهن.ذريعن موجب سردار اختر ميگل سينيٽ جي 2 ووٽن جي بدلي 2 هزار گم ٿيل ماڻهن جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته صادق سنجراڻي سردار اختر مينگل جي مطالبن تي ڳالهين جي يقين دهاني ڪرائي ڇڏي آهي.