آئيني ترميم لاءِ نمبر پورا آهن، اتحادين کان علاوه ٻيا به ڪجهه ووٽ ملندا: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آئيني ترميم جي لاءِ نمبر پورا آهن انهي حوالي سان جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جا ڪجهه خدشا هئا جنهن کي ختم ڪيو ويو آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته يقيني بنائي رهيا آهيون ته سمورين اتحادي پارٽين جا ميمبر اجلاس ۾ موجود هجن، مولانا ۽ اتحادي پارٽين کان علاوه به ڪجهه ٻيا به ووٽ ملندا ۽ اهي آئيني ۽ قانوني طور تي ڪنهن ٻئي جا پابند نه آهن.هن چيو ته اميد آهي ته آئيني پيڪيج اڄ منظور ٿي ويندو ۽ انهي ترميم جي پاس ٿيڻ کان پوءِ پارليامينٽ جي ماحول ۾ بهتري ايندي. مولانا فضل الرحمان جا خدشا ختم ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ نمبر پورا آهن.دفاع واري وزير چيو ته ڪالهه اپوزيشن جي غيبي مدد آئي آهي ان جي باوجود  اسان کي ڪاميابي ملندي. وڌيڪ ته ترميمون ساڳيون ئي آهن جيڪي ڪيترن ئي سالن کان بحث هيٺ آهن. آئيني عدالت جو قيام ۽ عدالتن ۾ ججز جي تعداد ۾ اضافو بل جو حصو آهي.خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن عدليه وڌ کان وڌ اختيار حاصل ڪرڻ ۾ لڳل رهي ته سائلين متاثر ٿيندا آهن. عدليه هڪ محترم ادارو آهي انهي کي به سوچڻ گهرجي. توهين عدالت جلدي لڳائي ويندي آهي اهو به نه ڏٺو ويندو آهي ته توهين ٿي به آهي يا نه.هن چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي ذريعي آئيني ترميم جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئيني ترميم سمورن ادارن بابت هوندي ۽ اها ٿڌي هوا سڀني کي لڳندي.