دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان وٽ آئيني ترميم جي بل لاءِ نمبرز پورا نه هئا، اهوئي سبب آهي ته ايوان جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو.گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جو شيڊول اجلاس ملتوي ٿيڻ کان پوءِ انهن صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته آئيني ترميم جي لاءِ حڪومت کي بل پاس ڪرائڻ جي لاءِ گهربل انگ جي صحيح خبر سومر تي ئي پوندي.خواجه آصف چيو هو ته مان صبح کان قومي اسيمبلي ۾ موجود هئس پر اصل حقيقت خبر نه آهي، ظاهري طور لڳي رهيو هو ته نمبر پورا نه آهن انهي لاءِ قانونسازي به نٿي ٿي سگهي.ليگي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو ته آئيني ترميم جي لاءِ نمبر پورا نه آهن. مولانا فضل الرحمان به ڪڏهن سپورٽ نه ڪئي سومر تي ئي صورتحال واضح ٿي ويندي.انهي کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته اسان جا نمبرز پهريان کان ئي پورا آهن. ترميم جو قانون واري وزير کان پڇنداسين مون اڃان تائين مسودو ناهي ڏٺو.