منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون سنڌ پوليس جي اعلي اختيارين جي حڪم کي گڊو ۽ ڪشمور پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو.

منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون سنڌ پوليس جي اعلي اختيارين جي حڪم کي گڊو ۽ ڪشمور پوليس ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، گڊو ۽ ڪشمور پوليس ھڪ جوابدار خلاف ڪارروائي ڪرڻ بعد معاملي کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي منشيات فروشن سان مبينا ڊيل ڪري خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، جڏھن ته سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽي تي واقع تاريخي شهر ڪشمور تعلقي ۾ انڌيرنگري ۽ لاقانونيت عروج تي پھتل آهي، سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽي تي واقع تاريخي شھر ڪشمور ۾ تعلقي انتظاميا جي مبينا ملي ڀڳت سبب شراب، چرس، آئيس، ھيروئن سميت سمورو منشيات ۽ ڪيميڪل واري کير جو ڪاروبار زور شور سان جاري آهي، جڏھن ته شھر ۾ فحاشي اڏا، وائين شاپ سرعام کليل آهن جڏهن ته ڪشمور ۾ منشيات، وائين شاپ، ڪيميڪل وارو کير، فحاشي اڏا، آئيس، ڪچو شراب سميت مڙني سماجي براين خلاف گذريل ڏينهن سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڊويزن اڳواڻ زمان دايو تعلقي صدر رفيق احمد چنو، ڪامريڊ احمد نواز گولاٽو ، نياز جکراڻي، سھڻو چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جڏهن ته احتجاج ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن قيصر ڀٽي، راڻا غفار، سٽيزن ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين مجتبي لانگاھ سميت شھرين پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي منشيات بند ڪرايو نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو، سماجي برايون ختم ڪرايو، وائين شاپ ڪشمور کي لغام ڏيو جھڙا زوردار نعرا لڳايا ويا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور ۾ ڏينھون ڏينهن وڌندڙ سماجي براين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪشمور ۾ قانون نالي ڪا شئي ئي ناهي، شھر ۾ سرعام ھلندڙ منشيات، ڪيميڪل کير، فحاشي اڏن سبب نوجوان نسل تباھي جي ڪناري تي پھتل آهي پر پوليس ۽ تعلقي انتظاميا ھر حصو پتي ملڻ سبب خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهي ھنن وڌيڪ چيو ته عجيب تماشو آهي ته سنڌ پوليس جي اعلي اختيارين جي حڪم باوجود اسان جي شھرن جي پوليس ڪا قانوني ڪارروائي ڪرڻ بدران حڪم نامي کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سبب منشيات فروشن وٽ اسڪولي ٻارڙن ۽ نوجوانن سميت شھرين جو ھجوم متل رهي ٿو، ھنن وڌيڪ چيو ته گڊو پوليس ڪجھ ڏينھن اڳ ھڪ منشيات فروش آصف پٺاڻ کي گرفتار ڪرڻ بعد مبينا ڊيل ڪري خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي ڪشمور پوليس منشيات فروشن جي ڀاڱيڀائيوار بڻيو ويٺي آهي جنهن سبب لاقانونيت سبب ڪشمور ۾ وائين شاپ تي سرعام معصوم ٻارڙن، نوجوانن ۽ پڪن پوڙھن کي شراب جو وڪرو ڪيو پيو وڃي، لاقانونيت سبب چرس، آئيس، آفيم، ڪچو شراب شھر جي چوڪ چوراھي تي سرعام وڪرو ڪندڙن خلاف پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، فحاشي اڏا سرعام ھلي رھيا آھن دڪانن ۽ هوٽلن تي صيحت لاءِ انتهائي ھاڃيڪار ڪيميڪل وارو کير استعمال ڪيو پيو وڃي پر اسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور ۽ ڪشمور پوليس انھن مڙني برائين جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪرڻ بدران مبينا ڀاڱي ڀائيوار بڻجي خاموش تماشائي بڻيل آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته ڪشمور ۾ انتھا درجي جي انڌيرنگري ۽ لاقانونيت ڪندڙ عملدارن کي ڪا به روڪ ٽوڪ نه آهي جنهن سبب ڏينھون ڏينهن منشيات جو ڪاروبار وڌنڌو پيو وڃي جنهن تي علائقي جا چونڊيل نمائندا مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آهن، جڏھن ته ايڪسائيز پوليس ڪشمور ۽ ڪشمور پوليس روزاني جي بنياد تي ڀتو ملڻ سبب ڪڇڻ لاء تيار ئي نه آهي، نتيجي ۾ علائقي جو امن تباہ ٿي ويو، بدامني عروج تي پهچي چڪي آهي ھنن ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪندي چيو ته ڪشمور ۽ ٻين شهرن ۾ منشيات سميت سڀ سماجي برايون ختم ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو..