ميرپور ماٿيلي ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن تي قاتلاڻو حملو: لنڊ برادري جي هٿياربندن خلاف ڪيس داخل

ميرپورماٿيلو لڳ گذريل رات شھيد صحافي نصراللہ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪرڻ بعد واپس ايندڙ مظاھرين مٿان حملو ڪري کين زخمي ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.گذريل رات شھيد صحافي نصراللہ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي آفس گھوٽڪي آڏو احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ بعد واپس ايندڙ مظاھرين مٿان لنڊ برادري جي ڏنڊا بردار سوين ماڻھن حملو ڪيو ويو هو.لٺيون ڏنڊا لڳڻ سبب شھيد صحافي نصراللہ گڏاڻي جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي سيمت ٻيا ڪيترائي ماڻھون زخمي ٿي پيا هئا لنڊ برادري جي ڏنڊا بردار ماڻھن پاران صحافين مٿان تشدد ڪري فونون ڦري کڻي هئا.جوابدارن آن لائن انڊس ٽي وي جي رپورٽر اياز پتافي کي پڻ تشدد جو نشانو بڻائي کيس موبائل فون ڦر ڪري ويا.ياد رهي ته حملي آورن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ شھيد صحافي جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي پھتو، جتي پوليس پاران ڪيس داخل نہ ڪيو ويو.جنھن بعد شھيد صحافي جي وارثن ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن پاران رات جو نيشنل ھاوي روڊ بند ڪري احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو هو ڌرڻو ست ڪلاڪ مسلسل جاري رھيو صبح جو ايس ايس پي گھوٽڪي حفيظ الرحمان ڌرڻي ۾ پھچي حملي آور جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.جنهن بعد ٻيلو ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي شھيد صحافي جي ڀا يعقوب گڏڻي جي فرياد تي  لنڊ برادري جي پانڌي لنڊ، ممتاز لنڊ، علم الدين لنڊ، ڪرم اللہ لنڊ، بشير لنڊ، امتياز لنڊ سميت 16 حملي آور جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جوابدارن شھيد نصراللہ گڏاڻي قتل ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء ڌمڪيون ڏنيون ۽ خون جي ارادي سان حملو ڪيو.