سکر نئين پنڊ واسڻ عورت گھريلو اڻ بڻت تان سکر بئراج جي 47 هين گيٽ وٽا ٽپو ڏئي خوڪشي جي ڪوشش ڪئي ته 47 هين گيٽ وٽ ويٺل ٽوٻن کيس بچائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ سکر جي نئين پنڊ واري علائقي چوني ٻٺي جي رهواسڻ نوجوان عورت تهمينه ابڙو گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ لاءِ رڪشي تي چڙھي سکر بئراج جي 47 هين گيٽ وٽ هلندڙ رڪشا مان لهي درياهه ۾ ٽپو ڏنو ته47 هين گيٽ وٽ موجود ٽوٻن کيس بچائي ورتو، درياهه مان ڪڍي ڇوهارا مارڪيٽ روهڙي ٿاڻي جي چوڪي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس پهچي عورت کي حفاظت ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس موجب خودڪشي ڪندڙ عورت جو نالو تهمينه ابڙو آھي جيڪا گهريلو پريشانين سبب درياھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي سندس وارثن کي گهرائي جاچ ڪئي ويندي.