ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ذاهد حسين ميتلو صاحب جو ڪشمور ۾ چئن ورهن جي ٻارڻي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي واري ڪيس

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ذاهد حسين ميتلو صاحب جو ڪشمور ۾ چئن ورهن جي ٻارڻي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٽائون چئيرمين ۽ ٽائون آفيسر تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .پرنٽ ميڊيا جي خبر موجب گذريل ڏينهن ڪشمور عيد گاه پاڙي ۾ چئن ورهن جي ٻارڻي صدف ڌئي غلام ياسين لاشاري کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي . واقعي جو نوٽس وٺندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ذاهد حسين ميتلو صاحب ٽائون آفيسر ۽ تڪ جي ايس ايڇ او کي روپورٽ سميت تي طلب ڪيو هو .ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران پوليس کي ٽائون چئيرمين جواهر لال ۽ ٽائون آفيسر عبدالوحيد ڊومڪي تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.