جسٽس طارق محمود جهانگيري کي تبديل ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي تبديل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي ۽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس جي خلاف ڪيس ۾ چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت اليڪشن ڪميشن کي معاملو واپس اماڻيندي ٻيهر فيصلي جي هدايت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته لکت ۾ فيصلو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جاري ڪيو ويندو.ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن ريٽائرڊ جج کي اليڪشن ٽربيونل مقرر ڪري رکيو هو. پي ٽي آءِ اميدوارن اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج ڪيو هو. شعيب شاهين، عامر مغل ۽ علي بخاري ٽربيونل تبديل جي خلاف درخواستون داخل ڪيون هيون.