غوثپور ۾ امن امان جي صورتحال ھڪ ڀيرو وري انتهائي خراب ٿي وئي

غوثپور شهر جي دولي چوڪ واري علائقي ۾ سومرا برادري جي معزز نبي داد سومرو وڪيل قدرت الله سومرو جي گھر ۾ نامعلوم هٿياربندن جو حملو.موٽرسائيڪل تي سوار ٻھ ٻٽ ٻڌل اڻڄاتل ھٿياربندن گهر اندر داخل ٿي جديد ھٿيارن سان فائرنگ.فائرنگ سبب گھر ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارڙن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ شھر ۾ ڏھڪاء پکڙجي ويو.
فائيرنگ بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا.اطلاع بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ کان تفصيل وٺي ھٿياربندن پويان رواني ٿي وئي۔ واقعي بعد سومرا برادري جي ماڻھن جو بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪري تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ھنن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ڪونھي اسان شھر جا شريف ۽ معزز شھري آھيون۔ ناحق اسانجي گھر ۾ گھڙي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري دھشت گردي ڪئي ويئي آھي۔ ھنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته اسانکي تحفظ ڏنو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري علائقي ۾ امن بحال ڪيو وڃي۔۔