اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان چڪرين ۾ سيڪيورٽي فوج جا 6 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين جا 2 واقعا ٿيا. 19 سيپٽمبر تي پاڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي چرپر ڏٺي وئي جيڪي پاڪستان ۾ تخريبڪاري جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ اهڙن دهشتگردن جو پتو لڳايو ۽ انهن کي بهتر طريقي سان گهيرو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب ٻيون واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لدها ۾ پيش آيو جتي دهشتگردن جي گروپ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 بهادر جوان به شهيد ٿي ويا.مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو ۽ علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير چڪرين دوران شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 6 بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.گهرو وزير چيو ته دهشتگردن رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪيو، 6 جوانن پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائيندڙ جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. محسن نقوي چيو ته شهيد اسان جي لاءِ فخر جوڳا ۽ اسان جي مٿي جو تاج آهن، شهيدن جي عظيم قربانين کي وساري نٿو سگهجي.