13

اتر سنڌ ۾ عورتن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پروجيڪٽ جي حوالي سان هڪ تعارفي اجلاس

اتر سنڌ ۾ عورتن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پروجيڪٽ جي حوالي سان هڪ تعارفي اجلاس بيگم نصرت ڀٽو وومن يونيورسٽي سکر ۾ ٿي گذريو. جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر تھمينہ نانگراج ڪئي جڏھن تہ فوزيه حنيف مئنيجر پروگرامز ۽ پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري اڪيڊمڪ ايڊوائيزر بسوا پاران تعليمي ادارن ۽ ڪميونٽي سان ڪم ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني. ھنن پراجيڪٽ جي نمايان خصوصيتن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. هنن پروجيڪٽ بابت وائيس چانسر کي ٻڌايو ته بسوا، سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن، سنڌ حڪومت ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ آف پيس جي سهڪار سان ”اتر سنڌ ۾ عورتن ۽ اقليتن جي حقن ۽ تحفظ جو منصوبو“ شروع ڪيو آهي. هن پروجيڪٽ جو مقصد اتر سنڌ ۾ عورتن، امن ۽ سلامتي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ ۽ تعليمي ادارن کي شامل ڪرڻ آھي. ان موقعي تي وائيس چانسلر بسوا ٽيم پاران ڪميونٽي ڊولپمينٽ جي عزم کي ساراهيو ۽ چيو ته بسوا مسلسل ان جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن يقين ڏياريو ته ملڪ جي ترقي ۽ بهتري لاءِ لگن ۽ عزم سان گڏجي ڪم ڪنداسين. ھن وڌيڪ چيو ته سماج ۾ عورتن کي با اختيار بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته جاگيردارانه ۽ قبائلي نظام جي ڪري عورت سماج جو نظرانداز ٿيل طبقو آهي.ھوڏانھن بيگم نصرت ڀٽو وومن يونيورسٽي سکر ۽ بسوا جي وچ ۾ تعليمي رابطن، نوجوانن کي با اختيار بڻائڻ، سيمينار ۽ تربيت لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر شهزاد نسيم ڊين فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ انفارميشن سائنسز، ڊاڪٽر فهيده سومرو ڊائريڪٽر اورڪ، ايليا ڀٽو، مئنيجر اورڪ، انيلا ڪرن ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئر، ڊاڪٽر رامچند چيئرپرسن ڊپارٽمينٽ آف نيچرل سائنسز، ڊاڪٽر. ذوالفقار علي چيئرپرسن ڊپارٽمينٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن، جناب اختر علي ميمبر فيڪلٽي آف مينيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي، جناب نعمان رفيق فيڪلٽي مئنيجمينٽ اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڊاڪٽر سيف الله چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف هيومن ريهيبليٽيشن سائنسز ۽ ڊاڪٽر نور بروهي پروجيڪٽ جي فوڪل پرسن شرڪت ڪئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو