علاج جي بهاني ايندڙ افغان شهرين جو پاڪستان کان ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ جو انڪشاف

 جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ تي پاڪستان ايندڙ افغان شهرين جو ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف آءِ اي اختيارين موجب پاڪستان جي وزٽ ويزا بند ٿيڻ سبب افغان شهرين جو وڏو انگ علاج جي بهاني پاڪستان جي ويزا حاصل ڪري رهيو آهي. اختيارين ٻڌايو آهي ته اهڙا افغان شهري ڪابل مان اسلام آباد ايندا آهن، پوءِ هو اسلام آباد، لاهور يا ڪراچي جي مختلف سفارتخانن يا قونصليٽ سان مختلف ملڪن جون ويزائون حاصل ڪندا آهن ۽ پوءِ پاڪستان مان اهڙن ملڪن جو سفر ڪندا آهن. اميگريشن اختيارين ٻڌايو ته گذريل 3 ڏينهن جي دوران اهڙن 9 افغان شهرين کي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو جيڪي جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ تي علاج جي بهاني پاڪستان آيا هئا ۽ پوءِ هتان کان پرڏيهه فرار ٿيڻ ڪوشش ڪري رهيا هئا. اميگريشن اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار افغان شهرين کي ايف آءِ اي جي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل عدالتي حڪمن تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.