پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 36 ھين سالگره جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر مير گل محمد جکراڻي ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد کوسو طرفان چنا شادي ھال ۾ تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو تقریب کي خطاب ڪندي مير گل محمد جکراڻي ۽ مير الطاف احمد کوسو چيو ته جھموريت لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ھميشه وڏيون قربانيون ڏنيون آهن اسان کي پنھنجي نوجوان قائد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي فخر آهي جيڪو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي اميد آهي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي هلي پاڪستان جي سالميت ۽ خوشحالي لاءِ ڪوشان آهي خطاب کان پوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وڏي ڄمار لاءِ دعا پڻ گھري وئي. انهيءَ موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي عھديدارن ۽ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي