جماعت اصلاح المسلمين سنڌ جو وفد پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، فنانس سيڪريٽري معاون صدر خليفي نياز احمد راڄپر جي اڳواڻي

جماعت اصلاح المسلمين سنڌ جو وفد پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، فنانس سيڪريٽري معاون صدر خليفي نياز احمد راڄپر جي اڳواڻي ۾ جماعت اصلاح المسلمين ضلعي ڪنڌڪوٽ جي تنظيمي دوري تي پهتو ان موقعي تي ضلعي صدر خليفي رفيق احمد سومرو آيل مهمانن جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي ضلعي جنرل سيڪريٽري جاويد احمد اوڳاهي تنظيمي رپورٽ پيش ڪئي، ان موقعي تي صوبائي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد اعواڻ چيو ته پاڪستان الله تعاليٰ جي نعمت آهي، پاڪستان جو پيارو ملڪ لازوال ۽ بي مثال قربانين سان حاصل ٿيو آهي. نوجوانن کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. اسان جو قائد محبوب سجڻ سائين هر پاڪستاني نوجوان کي اعليٰ تعليم يافته ڏسڻ چاهي ٿو، محبوب سڄڻ سائين نوجوانن ۾ اهڙي قيادت جي صلاحيت ڏسڻ چاهي ٿو جيڪو انسانيت سان ڀرپور هڪ فلاحي معاشرو ٺاهي سگهي .جماعت اصلاح المسلمين سڄي دنيا ۾ منظم ۽ متحرڪ انداز ۾ ماڻهن جي اخلاقي، روحاني، تنظيمي تربيت ۽ اصلاح لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهي آهي اسان جي قائد و رھبر فخر انسانيت خواجہ محمد طاهر المعروف سڄڻ سائين ماڻهن ۾ امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جي فروغ لاءِ سرگرم عمل آھن اسلام جو پيغام خير خواهي، امن ۽ سلامتي جو آھي.ھن موقعي تي ضلعي عهديدار خليفي حافظ ذوالفقار اوڳاھي،خليفہ غلام محمد ملڪ،حافظ بشير احمد بنگوارفقير،محمد عالم اوڳاھي،ڊاڪٽر شبير احمد رند محمد اسماعيل گجراڻي نور محمد ڀيوموجود هئا.