اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته آءِ ايم ايف معاهدي سان معيشت ۾ استحڪام ايندو.وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مهانگائي جو سنگل ڊيجٽ تي اچڻ وڏي ڪاميابي آهي. ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز به بهتر ٿي رهيا آهن. جڏهن ته پرڏيهي پاڪستانين طرفان رڪارڊ مدد اچي رهي آهي.هن چيو ته جڏهن اسان آياسين ته ڊيفالٽ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ۽ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) کي خط لکيا ويا، جڏهن ته آءِ ايم ايف کي خط لکندڙن جي پنهنجي مرضي ۽ پنهنجي خواهش هئي، ملڪ ڊيفالٽ ٿيندو آهي ته پورو مالياتي نظام تباهه ٿي ويندو آهي.عطا تارڙ چيو ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان معاشري بهتري اچي رهي آهي ۽ آءِ ايم ايف معاهدي سان معيشت ۾ استحڪام ايندو، پاڪستان جي موجوده قيادت تي دنيا جو اعتبار آهي.هن چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف ۽ صدر ورلڊ بينڪ سان ملاقاتون ٿيون، ڊالر جي اسمگلنگ روڪڻ سان روپيو مستحڪم ٿيو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن چاهيو ٿي ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿي وڃي. پر اٽو 120 کان 60 روپيه ۽ پيٽرول 300 کان 249 تي اچي ويو آهي. قومي ايئر لائين(پي آءِ اي) جي پرائيويٽائزيشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون.سياسي پارٽين بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪابه سياسي پارٽي ۽ قيادت پاڪستان کان وڏي نه آهي، پر جيڪڏهن ڪو اهو چئي ته هي ناهي ته پاڪستان ناهي هي قبول جوڳو نه آهي. تعميري تنقيد جو وارو ايندو آهي ته اسان حاضر آهيون.وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو سلامتي ڪونسل سان خطاب اهم هوندو. هو فلسطين جو مسئلو اٿاريندا ۽ اسلاموفوبيا تي ڳالهيون ڪندا بلوم برگ پاڪستاني اسٽاڪ مارڪيٽ کي دنيا جي بهترين مارڪيٽ قرار ڏنو ۽ وزيراعظم لبنان تي اسرائيلي جارحيت جو معاملو اٿاريو آهي.