تحريڪ انصاف پريڪٽس پروسيجر ترميمي آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

 پاڪستان تحريڪ انصاف پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر صدارتي آرڊيننس کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي ان سان گڏ ئي آرڊيننس کان پوءِ پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي جي سمورن فيصلن کي غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئيني درخواست جي ٻڌڻي هيٺ هجڻ تائين نئين جوڙيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي ڪم کان روڪيو وڃي ۽ آرڊيننس جي خلاف درخواست جي دوران پراڻي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.بيرسٽر گوهر طرفان داخل درخواست ۾ وفاق، قانون واري وزارت ۽ صدر جي سيڪريٽري کي ڌر بنايو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي ڪابينه مان منظوري کان پوءِ صدر آصف زرداري پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيحون ڪيون هيون جنهن کان پوءِ اهو لاڳو ٿي ويو هو.