اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هفتي اندر پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس طارق محمود جهانگيري عدالتي حڪم باوجود شبلي فراز جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي هلائي.ٻڌڻي دوران جسٽس طارق محمود جهانگيري پڇيو ته ڇا شبلي فراز جو نالو اڃا اي سي ايل مان نه ڪڍيو ويو آهي؟ شبلي فراز جي وڪيل چيو ته ان بابت نه ڪجهه ٻڌائي رهيا آهن ۽ نه ڪا رپورٽ ڏئي رهيا آهن.جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته اهي معاملا اسيمبلي ۾ ڇو نه ٿا ٻڌايو، پارليامينٽيرين آهيو، شبلي فراز چيو ته اتي ته الٽو ئي ڪم ڪيو پيو وڃي، اسپيڪر صاحب به چوي ٿو، عدالت هفتي اندر شبلي فراز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس طارق جهانگيري چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.