ڪشمور ضلعي ۾ هلندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام قسط دوران ڊوائز ايجنٽن جي من مانيون هر ايندڙ عورتن جي آيل رقم مان 1000کان 1500تائين ڪٽوٽي ڪرڻ لڳا ڊي سي جي منٿلي مقرر هجڻ ڪري ڊي سي به خاموش سينٽر تي ڪنهن به قسم جي سهولت نه هجڻ ڪري عورتون بيهوش ٿيڻ لڳيون تحفظ لاء بيٺل پوليس به پنهنجي منٿلي وٺڻ لڳي BISP انچارج جي منٿلي مقرر هجڻ جا اطلاع ٻي پاسي پوليس جا اهلڪار ماڻهن کي عورتن کان پري ڪرڻ بجاء پنهنجي منٿلي اوڳارڻ ۾ مصروف ضلع انتظاميا جو ڪوبه ماڻهو ناهي پهتل عورت جي تزليل ڪئي پئي وڃي هر موجود عورتن چيو ته انتظاميا ڪابه سهولت ناهي ڏني قسط قسط جيان هن قسط ۾ به ڪا سهولت ته ناهي پر پيئن لاء پاڻي به ناهي رکيل پيسن جو پاڻي پي رهيا آهيون ۽ ڊوائز ايجنٽن پنهنجا ماڻهو رکي ڇڏيا آهن جيئن پيسا ٿا ڪڍرايون ائين اتي دلال پهچي ٻه کان ٽي سو وٺن ٿا ٽوٽل آيل رقم مان ڊوائز ايجنٽ ۽ دلالن کي 1300 کان 1800سو ڏيون پيا عورتن چيو ته اگر سهولتون نه مليون ته احتجاج ڪنداسين