ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر ضلع انتظاميا جي ڪن لاٽار ڪري

ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر ضلع انتظاميا جي ڪن لاٽار ڪري ڊوائيز مافيا جي ايجنٽن حوالي مستحق عورتن جي آيل قسط مان هڪ هزار کان وٺي پندرهن سئو روپيا جي سري عام ڪٽوتي جاري راشي ايجنٽن پاران ڪوريج ڪرڻ دوران صحافين جي ٽيم مٿان هلان پوليس اهلڪار خاموش تماشائي بڻيل ڊوائيس مافيا جي بنا جواز ڪٽوتي خلاف عورتن مردن جو احتجاج.
تفصيل موجب. ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ قائم بينظر انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر ڊگري ڪاليج تي ڊوائيز مافيا پاران سينٽر جي اندر ۽ ٻاهر ڪيترائي ايجنٽ مقرر هجڻ ڪري غريب مستحق عورتن جي قسط مان سري عام هڪ هزار کان پندرهن سئو رپيا ڪٽوتي جاري ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ سڄي معاملي جي ڄاڻ ملڻ کان پوء ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ پھچڻ تي ڪافي ڊوائيس مافيا ڊوائيسون کيسي ۾ وجهي ڪري ڪري سينٽر مان ڀڄي ويا مستحقين پاران شڪايتن باوجود بـ ڊپٽي ڪمشنر ڪو ايڪشن نـ ورتو ۽ خاموشي جو روزو رکي ھليو ويو جڏهن تـ مستحق عورتن احتجاج ڪندي دانهيو تـ اسين صبح جو سويل اچي هت سينٽر تي پهچون ٿا پر اسان کي نـ ويهڻ لاء جڳھـ ڏني وڃي ٿي نـ وري پيئڻ جي لاءِ پاڻي سميت اس کان بچاء لاءِ ڇانو جو بندو بست ڪيو ويو آهي هنن چيو تـ ڊوائيز مافيائن جا سري عام ايجنٽ پيسن عيوض من پسند ماڻهن کي پيسا ڪڍي ڏين ٿا اسان غريب آهيون اسان کي سڄو ڏينهن انتظار ڪرائي واپس ڪرايو وڃي ٿو. ٻي پاسي صحافين پاران سينٽر تي موجود ڊوائز هولڊرن کان معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي تـ اتي موجود بااثر ايجنٽن پاران ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏنيون ٻئي پاسي سيڪيورٽي لاء موجود پوليس اهلڪار بـ سڄي ڪڌي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڏسڻ پئي آيا