ڪنڌڪوٽ جي عوام امن خاطر ٽئين ڏينهن

ڪنڌڪوٽ جي عوام امن خاطر ٽئين ڏينهن به رات جي ٽائيم امن جا اڇا جھنڊا کڻي موبائيلن جون بتيون ٻاري روڊن تي نڪري پيا عوامي سمنڊ جو شھر جي دل گھنٽا گھر کان پريس ڪلب تائين ڀتاخوري ۽ بدامني خلاف احتجاجي ريلي امن بحال ٿيڻ تائين تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان
تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ ضلعي اندڙ ڌاڙيل راڄ قائم ٿيڻ، واپارين، معززين کان ڏوھارين پاران ڀتو وٺڻ لاءِ فونن تي موتمار ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي ٽئين ڏينھن تي بہ شھر جي دل گھنٽاگھر کان پريس ڪلب تائين عوام جي وڏي تعداد ۾ امن جا اڇا جھنڊا کڻي رات جي وقت شھري موبائيل فونن جون بتيون ٻاري احتچاجي امن ريلي ڪڍي امن ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ ھندو واپارين پڻ شرڪت ڪئي انھي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ ريلي کي خطاب ڪندي ايس يو پي ضلعي صدر دلمراد ڏاھاڻي.ڊاڪٽر ميھر چند، صرافا يونين جي صدر حاجي حضور بخش مغل،جماعت اسلامي جي ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالعزيز سومرو، شعبان جکراڻي، ھندو پنجائت جي ھريش ڪمار، ڊاڪٽر صوفي سريش ڪمار، قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروھي، مزدور يونين جي مير طارق باجڪاڻي، شمن علي باجڪاڻي، جسم جي ڪامريڊ عباس، ايس يو پي جي ظريت ساگر بجاراڻي، شاھنواز مرھیٽو، شھري اتحاد جي اشوڪ ڪمار سونارو، عبدالفتاح مغل، مولوي محمد ابراھيم خاڪي، مولوي فرحان مغل، قمرالدين سھرياڻي، سنتوش اگروال، نظير سومرو ۽ ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ شھر جي امن خاطر اسين روڊ رستن تي نڪتا آيون ڏوھارين جي عذاب سبب ضلعي جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رھيو آھي شھر جي ڪافي واپارين کان ڀتو ورتو ويو آهي ۽ ڀتي لاءِ ھاڻي به تنگ ڪيو پيو وڃي پوليس مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آهي جنهن مان لڳي ٿو ته ڏوھارين جي ساٿاري ٿيل آهي ڀتاخوري، بدمعاشي، غنڊا راڄ سبب ڪجھ عرصي اندر وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي جيڪڏهن اھو سلسلو ھلندو رھيو ته پوءِ ڪنڌڪوٽ تباھ ٿي ويندو واپاري، ڪاروباري طبقو سامان کڻي ٻئي شھر ڏي ھليا ويندا جنهن ڪري اسين ڏوھارين جي ڪري پنهنجي شھر کي تباھ ٿيڻ نه ڏينداسي اسان جي امن لاءِ شروع ڪيل تحريڪ جاري رھندي ڇنڇر کان وٺي ٽي ڏينھن تائين گھنٽاگھر چوڪ تي علامتي بک ھڙتال ڪئي ويندي
،