خيرپور جي صحافي علي خان رند مٿان حملو ڪري زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريالوءِ ۾ قلم ڌڻين جو احتجاج

پريالوءِ (رپورٽر) خيرپور جي صحافي علي خان رند مٿان حملو ڪري زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريالوءِ ۾ قلم ڌڻين جو احتجاج خبر موجب پريالوء ڀرسان خيرپور جي سينيئر صحافي علي خان رند مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ واري واقعي خلاف پريالوء ۾ صحافين پريس ڪلب جي صدر عبدالجبار ميراڻي، نائب مشتاق احمد سولنگي، صوبل اوڍو، ثناءﷲ بلوچ، عمران اوڍو، ظفر حسين، محمد عمر ڀٽو ، عبدالسلام بلوچ ۽ ٻين صحافين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته بااثر جوابدارن 2022 ۾ صحافي علي خان رند جي ناٺي محمد عارف رند کي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو هو جنهن جي قتل جو ڪيس خيرپور جي عدالت ۾ هلندڙ آهي جوابدارن ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ صحافي علي خان رند مٿان حملو ڪيو آهي واقعي جي اين سي ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي قلم ڌڻين وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ صحافين لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي هڪ سال دوران سنڌ جي بهادر صحافين شهيد جان محمد مهر، نصرالله گڏاڻي مشتاق احمد کنڊ، اصغر کنڊ کي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو آهي پر هن وقت تائين قاتلن کي سزا ناهي ملي سگهي جنھن ڪري صحافي بيچيني واري ڪيفيت ۾ ذميواريون نڀائي رهيا آهن قلم ڌڻين وزير اعليٰ سنڌ صوبائي وزير اطلاعات، صوبائي گهرو وزير، آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ،ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته صحافي علي خان رند مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي