مولانا فضل الرحمان 5 سالن جي لاءِ بنا مقابلي هڪ دفعو ٻيهر جمعيت علماءِ اسلام جي يو آءِ(ف) جو امير چونڊجي ويو.رپورٽ موجب جي يو آءِ(ف) جون انٽرا پارٽي چونڊون اڄ پشاور ۾ ٿيون، انٽرا پارٽي چونڊن ۾ پارٽي جي مرڪزي ڪونسل جي اجلاس ۾ مرڪزي امير ۽ جنرل سيڪريٽري جي چونڊ ڪئي وئي.مرڪزي جنرل ڪونسل جي سمورن ميمبرن گڏيل طور تي مولانا فضل الرحمان کي 5 سالن لاءِ بنا مقابلي امير چونڊجي ويا. جڏهن ته مولانا عبدالغفور حيدري به بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو.