ڊيره غازي خان ۾ شادي جي تقريب ۾ ڏيتي ليتي جي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو ڪالا شاهه ۾ شادي جي تقريب ۾ پيش آيو جتي 6 هٿياربندن پئسن جي ڏيتي ليتي تان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا.پوليس موجب هٿياربندن ڏيتي ليتي جي تڪرار تان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب زخمين ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو آهي ته فائرنگ ڪندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻين جي ڳولا لاءِ ڇاپا مار ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.