پريالوءِ ڀرسان نامعلوم هٿياربندن پاران گهرڀاتي يرغمال

پريالوءِ ڀرسان نامعلوم هٿياربندن پاران گهرڀاتي يرغمال . گهرمان زيور . روڪ رقم . موٽرسائيڪل سميت ٻي سامان جو ڌاڙو هڻي فرار . پوليس غائب . تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ٻڍل ڪنڀر جي رهواسي عابد حسين ڪنڀر جي گهر۾ نامعلوم هٿياربند داخل ٿي ننڊ ستل گهرڀاتين کي سجاڳ ڪري کين هٿيارن جي زورتي يرغمال بڻائي ڪمرن جي الماڙين جا تالا ٽوڙي سونازيور . روڪ رقم . موٽرسائيڪل جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا . متاثرگهرڌڻي جي دانهن تي ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري متاثر گهروٽ پهڇي ويا جنهن بعد متاثرن پاران هٿياربندن جو پيڇو ڪيو پر هٿياربند فرارٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن بعد متاثرگهرڌڻي عابد حسين ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ ٻين ڳوٺاڻن بدامني ۽ حد جي پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيوته نامعلوم هٿياربند اسان جي گهر۾ داخل ٿي اسان کي يرغمال بڻائي گهرمان ڄاڻايل سامان جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا پر حد جي پوليس غائب رهي هنن حد جي پوليس مٿان الزام هڻندي چيوته پوليس ڏوهارين سان مليل آهي هنن ڊي آءِ جي سکر کان نوٽس وٺي گهرمان لڳل ڌاڙي جو سامان واپس ڪرائي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي