عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪنهن کي به اندازو ئي نه آهي ته آئيني عدالتن جون حدون ڪهڙون هونديون، هي ترميم انهي لاءِ آڻڻ چاهين ٿا ته جيئن هڪ شخص چيف جسٽس نه بڻجي سگهي.لاهور جي نجي يونيورسٽي ۾ خطاب ۽ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪنهن سينيٽرز آئيني ترميم ناهي ڏٺي، جيڪا ترميم ڪرڻ چاهيو ٿا انهي کي عوام جي سامهون رکو، دنيا جو ڪوبه ملڪ اهڙو ناهي جتي پڙهڻ کان سواءِ قانون پاس ٿيندا آهن.هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اندازو ئي ناهي ته آئيني ڪورٽس جون حدون ڪهڙيون هونديون، هي ترميم انهي لاءِ آڻڻ چاهين ٿا ته جيئن هڪ شخص چيف جسٽس نه بڻجي سگهي.شاهد خاقان عباسي پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي رستي تان هٽي ويو آهي، نوازشريف وٽ خاموش رهڻ جو آپشن نه آهي، جيڪڏهن اهو خاموش رهيو ته سڀاڻي کيس جواب ڏيڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته چونڊون مسئلي جو حل نه آهن. هميشه عام چونڊون چوري ڪيون وينديون آهن، هاڻ ملڪ جي اهم اڳواڻن جو امتحان آهي ته ملڪ کي هلائڻو آهي يا نه.