ڪوڙ ڳالهائڻ، ڇرڪائيندڙ خبرون ٺهرائڻ بشريٰ بي بي جو پراڻو شوق آهي: عظميٰ بخاري

صوبائي اطلاعات واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڇرڪائيندڙ خبرون ٺهرائڻ بشريٰ بي بي جو پراڻو شوق آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر سيف جي بيان تي رد عمل ڏيندي ليگي اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو ته روزانه خبرون ۾ رهڻ جو اهو پراڻو طريقو آهي، بشريٰ بي بي آنا کائي، ڪڪڙ کائي يا يخني پلاءُ، مريم نواز کي انهي جي ڪابه پرواهه نه آهي. مريم نواز جي فرشتن کي به خبر ناهي ته بشريٰ بي بي اڊيالا جيل جي  ڪهڙي سيل ۾ آهي.هن چيو ته بشريٰ بي بي کي جيل ۾ ان جي مڙس جيان بي ڪلاس جون سهولتون ڏنيون ويون آهن، مريم نواز کي پي ٽي آءِ باني جي حڪومت واري دور ۾ جن تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، بشريٰ بي بي انهن سڀني کان محفوظ آهيعظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز کي ڪوٽ لکهپت جيل ۽ نيب جي عذاب خاني ۾ جهڙين حالتن ۾ رکيو ويو اهو سڀ بشريٰ بي بي جي خواهش تي ڪيو ويو هو، مريم نواز جيل جون سختيون برداشتون ڪري ورتيون پر ڪڏهن به عورت ڪارڊ جو استعمال نه ڪيو هو، بشريٰ بي بي توشه خانه جا تحفا چوري ڪرڻ ۽ 190 ملين پائونڊ جي ورهاست جي ڏوهه ۾ جيل ۾ قيد آهي.صوبائي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته هن وقت زال مڙس کي جيڪي جيل ۾ سهولتون مليل آهن انهي جو هڪ عام شهري سوچي به نٿو سگهي، بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني وي آءِ پي طريقي سان جيل ڪاٽي رهيا آهن. اوهان پنهنجي سياسي دوڪان چمڪائڻ جي لاءِ روز پنهنجي گندي زبان سان مريم نواز جو  نالو استعمال نه ڪريو.