ڪنڌڪوٽ لڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات دير سان زور ڳڙه اسٽاپ وٽ دڪان تي ستل ويه ورهين جي نوجوان احمدالدين پٽ خيرالدين گولو کي نامعلوم هٿيار بند هٿيارن جي زورتي اغوا ڪري کڻي ويا وارثن پاران مغوي جي بازيابي لاءِ ڳوٺ حاجي هيبت خان گولو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مغوي جي وارثن علي اڪبر گولو پهرالدين گولو نادر علي صادق گولو سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان زورڳڙه اسٽاپ تي دڪان جي چوڪيداري ڪندو هو جنهن کي رات دير سان ڌاڙيل کڻي ڪچي طرف فرار ٿي ويا حد جي پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي آهي اسين مسڪين آهيون اسان جي دانهن اعلي اختيارين کي آهي ته اسان جي نوجوان کي جلد بازياب ڪرائي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ياد رھي ته رات جو ديرسان گولا برادري جا ٻه ڄڻا احمد الدين گولو ء عبدالغفار گولو اغوا ٿي ويا آهن