سکر ريجن کي راندين ذريعي سگهارو ڪرڻ: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر گڏجي ميدان ۾

ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي ۽ ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه شاهه عبداللطيف يونيورسٽي (SALU) سان گڏجي 25 ڊسمبر 2024 تي “هوپ رن ميراٿون” جي ميزباني ڪرڻ لاءِ هٿ ملايو آهي. هي تاريخي ايونٽ سکر ڊويزن جي ثقافتي ورثي ۽ قدرتي خوبصورتي کي دنيا ۾ نمايان ڪرڻ جو مقصد رکي ٿو.

هوپ رن ميراٿون جون تفصيلون

•⁠ ⁠⁠تاريخ: 25 ڊسمبر 2024
•⁠ ⁠⁠روٽ: ڪوٽ ڏجي کان سکر تائين 42.195 ڪلوميٽر
•⁠ ⁠⁠وقت: صبح جو 8:00
•⁠ ⁠⁠شرڪت ڪندڙ: سڀني لاءِ کليل – قومي ۽ بين الاقوامي رانديگر، پروفيشنلز ۽ شوقين
•⁠ ⁠⁠سھولتون: پري پري کان آيل شرڪت ڪندڙن لاءِ رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون موجود

مکيه مقصد

•⁠ ⁠⁠صحت مند طرز زندگي کي هٿي ڏيڻ: شهري ماڻهن کي صحتمند ۽ سرگرم طرز زندگي اختيار ڪرڻ لاءِ اُتساهڻ
•⁠ ⁠⁠ثقافتي ورثي کي نمايان ڪرڻ: سکر ڊويزن جي ثقافتي ورثي ۽ قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ
•⁠ ⁠⁠ڪميونٽي جي شموليت کي فروغ ڏيڻ: زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ
•⁠ ⁠⁠وڏن راندين جي ايونٽس جي ميزباني: فٽنس، تعليم ۽ قوم جي تعمير جي مقصدن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ

ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي ڊي آءِ جي سکر پاران ميراٿون جي خيال کي سرجهڻ تي ساراهه ڪئي ۽ ان جي صلاحيت تي زور ڏنو ته هي ايونٽ فٽنس ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي وڌائڻ لاءِ ڪارائتو ٿيندو. ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه اميد جو اظهار ڪيو ته هي ايونٽ سکر جي تاريخ ۾ هڪ منفرد سنگ ميل ثابت ٿيندو. وائيس چانسلر ميريٽوريس پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ SALU پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.

ان ايونٽ ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيد فواد احمد شاهه، ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله سومرو خيرپور، لوڪ ساھتا جا سرپرست سيد محمد آغا هارون، سعيد بخاري، خادم ميراني، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بي ايس ڊبليو اي ۽ ڪيترائي اڪيڊيمڪ شخصيتون، راندين جا ماهر، اين جي اوز، سماجي ڪارڪن ۽ خيرپور جي بزنس ڪميونٽي ۽ هاءِ وي ڊپارٽمينٽ جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيا.

هي کليل ميراٿون زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، فٽنيس، صحت ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هلي ٿي. منتظمين پاران پري پري کان آيل شرڪت ڪندڙن کي رهائش فراهم ڪرڻ جو مقصد ان ايونٽ کي سڀني لاءِ شموليت وارو ۽ پهچ وارو بڻائڻ آهي.