پريالوءِ : اي ايس پي سٽي خيرپور فراز احمد ميتلو پيرجوڳوٺ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 5 ڏينهن اڳ پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ ماستر در محمد ميتلو ۾ سونيون واليون ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي قتل ڪيل پيرسن عورت مسمات نصيرانا ميتلو جي قتل ۾ ملوث جوابدار شڪيل احمد ميتلو ۽ کي بروقت ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدارن ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي اي ايس پي سٽي خيرپور وڌيڪ چيو ته گرفتار ڪيل جوابدار وٽان سونيون واليون ۽ پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته سندن ملوث سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي