جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر جي غفلت سبب ستين درجي جي شاگردياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي جنهن کان پوءِ شاگردياڻي جي وارثن پاران سندس لاش اسپتال آڏو رکي ڌرڻو هنيو ويو. رپورٽ موجب ستين ڪلاس جي شاگردياڻي فضا ميمڻ کي رات دير سان سخت مٿي ۾ سور پيو جنهن کي سندس وارث سول اسپتال جيڪب آباد کڻائي آيا جتي ڊاڪٽر جي غفلت سبب شاگردياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. ان حوالي سان مقتول شاگردياڻي جي ڀاءُ وڪيل امير حمزه ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته ڀيڻ کي صبح جو 4 وڳي سخت مٿي ۾ سور پيو هو جنهن کي ايمرجنسي ۾ سول اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر سندس علاج نه ڪيو، جنهن کان پوءِ اسان کيس واپس گهر کڻائي وياسين. جتي مٿي ۾ سور وڌي وڃڻ سبب منهنجي ڀيڻ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. فوت ٿيل شاگردياڻي جو لاش سندس وارثن سول اسپتال آڏو رکي ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. مظاهرين انهي موقعي تي چيو ته ايمرجنسي ۾ سول اسپتال آندل مريضن جو به علاج نٿو ڪيو وڃي، ڊاڪٽر رڳو ڪچهريون ڪرڻ ۾ پورا آهن. فوري طور تي انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. فوت ٿيل شاگردياڻي جي ڀاءُ وڪيل امير حمزه موجب ڊاڪٽر سنتوش ۽ عملي جي غفلت سبب ڀيڻ فوت ٿي وئي آهي. فوري طور تي انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.