راولپنڊي ۽ اسلام آباد ٻئي ڏينهن به سيل، موبائل سروس معطل

 تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب جاڙا شهر راولپنڊي ۽ اسلام آباد ٻئي ڏينهن به سيل رهيا، اسڪول، عدالتون، ميٽرو بس ۽ موبائل فون سروس به بند آهي.ٻنهي شهرن جي مُک روڊن کان علاوه مري روڊ کان ايندڙ لنڪ روڊز ۽ گهٽين کي به سيل ڪيو ويو آهي. روڊن تي ٽريفڪ معمول کان انتهائي گهٽ هجڻ سبب سرڪاري ادارن ۾ حاضري انتهائي گهٽ آهي.پي ٽي آءِ جي امڪاني احتجاج سبب لاهور جا داخلي ۽ خارجي رستا ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيا ويا آهن. رستن جي بندش سبب اڊيالا جيل کان جوابدارن کي اڄ به عدالتن ۾ پيش نه ڪيو ويو، سمورين عدالتن جي ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي حاضري لڳائي ملتوي ڪري ڇڏي.رستن جي بندش سبب تعليم کاتي طرفان سلام ٽيچرز ڊي بابت سموريون تقريبون به ملتوي ڪري ڇڏيون آهن .اهڙن پروگرامن ۾ استادن جي بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏيڻا هئا.