مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) اجلاس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جي شرڪت جو اعلان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن لاءِ سٺي خبر آهي.سينيٽر عرفان صديقي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ سمورن ايس اي او اڳواڻن مان صرف ڀارتي پرڏيهي وزير کي پنهنجي احتجاج سان خطاب جي دعوت ڏني.هن چيو ته بهتر ٿيندو ته پي ٽي آءِ جي شنڪر کي 200 کان وڌيڪ دفاعي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي تباهه ٿيل مزارن تي به وٺي وڃي ته جيئن پي ٽي آءِ ۽ ڀارت هميشه جي لاءِ لازوال رشتن ۾ ٻڌجي وڃن.عرفان صديقي وڌيڪ چيو ته ايس سي او اجلاس ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جي شرڪت جو اعلان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن لاءِ سٺي خبر آهي.ياد رهي ته پاڪستان جي سربراهي ۾ ايس اي او سربراهه اجلاس 16 ۽ 17 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ چين جي وزيراعظم لي چيانگ سميت مختلف ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا.