اڊيالا جيل ۾ قائم عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه ڪيس 2 ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب ٻنهي ڪيسز جي ٻڌڻي رستن جي بندش سبب ملتوي ڪئي وئي آهي، عدالت توشه خانه ڪيس 2 ۾ اڄ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي هئي.توشه خانه 2 ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست تي 5 ڏينهن ۾ فيصلي جو امڪان آهي.توشه خانه ڪيس 2 ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جڏهن ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا کي ڪرڻي هئي. هاڻ توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي 7 ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تي ٿيندي.