مائٽ مٿان مڙس کان الڳ ڪرڻ ۽ انڪار ڪرڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪين جا الزام، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق خيرپور جي سيشن جج منور سلطانه جي عدالت ۾ مل ڪالوني خيرپور جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات سائنه عرف شاهينه زال علي حيدر جتوئي طرفان ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ايئر پورٽ ڇوٽا گيٽ جي رهواسي والد الله بخش ملڪ، والده مسمات سحر ملڪ، شهباز ۽ شهزاد ملڪ خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرائيندي انهن مٿان الزام مڙهيو آهي ته اهي کيس پنهنجي مڙس علي حيدر ولد محمد عظيم جتوئي کان طلاق ڪرائڻ چاهين ٿا ۽ انڪار ڪرڻ تي کيس ۽ سندس مڙس علي حيدر جتوئي ۽ سندس مائٽن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي. عدالت سندس داخل ڪرائيل پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي مخالفن کي نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.