ٺڪراٺو لڳ مبارڪپور ۾ پئٽرول ايجنسي کي باھ سوين ليٽر پئٽرول ڊيزل رڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک لکين روپين جو نقصان فائر برگيڊ جي سهولت نه هجڻ ڪري مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ باھ تي ڪنٽرول ڪري ڀر ۾ ٻين دوڪانن ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتوٺڪراٺو پيٽرول ڊيزل ايجنسي کي باھ مبارڪپور ۾ قائم مير پئٽرول ايجنسي کي بجلي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو باهه لڳي وئي باھ لڳڻ سبب هزارين ليٽر پيٽرول ڊيزل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي ويووڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهن پهچي ڪوششون ڪري باھ تي ظابطو آڻي ڀر وارن دوڪانن کي نقصان کان بچائي ورتو رابطي ڪرڻ تي ايجنسي مالڪ اختيار حسين مهر ٻڌايو ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو باھ لڳڻ سبب سموري ايجنسي کي باھ وڪوڙي وئي جنهن سبب پيٽرول ڊيزل جا 20ڀريل ڊرم روڪ اڍائي لک روپيه ۽ دوڪان ۾ پيل ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ٿيل نقصان جو الزالو ڪيو وڃي