پريالوءِ ڀرسان جتوئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيبت خان بروهي ۾ 10 گھر ڀاتين سميت 13 ڄڻن کي زهر ڏئي مارڻ واري معاملي نئون رخ اختيار. مقتول گل بيگ جي نياڻي ۽ سندس ڀائٽيون ملوث نڪتا جوابدار گرفتار. ڏوھ جو اعتراف،ڪيس داخل. شادي جو رشتو نه ٿيڻ تان ناري ۽ نوجوان کاڌي ۾ زهر ملائي 13 ڄڻن کي ماري ڇڏيو پوليس ڪنگري جي ڪچي جي ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ 10 گهر ڀاتين سميت 13 ڄڻن کي زهر ڏئي مارڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي برادي جتوئي پوليس مقتول گل بيگ بروهي جي ڌيءَ شائسته بروهي ۽ سندس سئوٽ امير بخش بروهي کي گرفتار ڪري ورتو پڇا ڳاڇا بعد گرفتار جوابدارن ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي