عالمي مشهور اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ اسلام آباد جي تقريب دوران اسٽيج ڇڏڻ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي.سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي اسٽيج ڇڏڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي ڪافي وائرل ٿي هئي جنهن کان پوءِ ان جي انهي عمل تي ڪجهه ماڻهن تنقيد پڻ ڪئي هئي.ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي اسلام آباد ۾ يتيم ٻارن جي هڪ غير سرڪاري تنظيم”پاڪستان سوئٽ هوم“ طرفان ٻارن کي شيلڊون ڏيڻ جي تقريب ۾ مهمان خاص طور تي گهرايو ويو هو.پروگرام ختم ٿيڻ تي سوئٽ هوم جي چيئرمين زمرد خان ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي هٿان يتيم ٻارڙين کي شيلڊ ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو ويو هو، اسٽيج تي جڏهن ڇوڪريون آيون ته ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پوئتي هٽي اسٽيج تان لهي ويو.ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ سنڌ جي گورنر هائوس ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي يتيم ٻارڙين سان ملاقات جي لاءِ گهرايو ويو هو جنهن ۾ مون انتهائي گهٽ وقت هجڻ جي باوجود صرف 10 منٽن جي لاءِ شرڪت لاءِ ها ڪئي هئي. پر تقريب ۾ يتيم ٻارڙيون ته پوئتي رهجي ويون، اڳيان صرف فوٽو سيشن هلندو رهيو.هن چيو ته ان دوران مون کي تقرير ڪرڻ جو چيو ويو ته مون ٻارن جي خاطر ڪجهه دير ڳالهيون ڪيون، تقرير جي ختم ٿيڻ تي عورتن کي اسٽيج تي گهرايو ويو، اهي سڀ بالغ هيون انهي لاءِ مان انهن کي عورتون ئي چوندس، جنهن تي مون اعتراض ڪيو ته تقريب جي ڪارڪن چيو ته هي سڀ ٻارڙيون آهن، مون چيو ته اها ڪٿي جي سوچ آهي؟ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته بالغ هجڻ تي ڪنهن به ڇوڪري کي اوهان هٿ به نٿا لاهي سگهو، منهنجي مذهبي تقرير جي دوران ڇوڪرين جي پوري فوج اسٽيج تي اچي وئي جيڪي 15 کان 16 سالن جون بالغ ڇوڪريون هيون.هن چيو ته انهي تقريب کان پوءِ منهنجي اسٽيج تان لهڻ تي ماڻهن مون تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڏني جنهن تي مون کي تمام گهڻي حيرت ٿي ته پاڪستان ۾ آخر هي ڇا ٿي رهيو آهي ڇا ٿي ويو آهي هن ملڪ کي! اوهان کي ته چوڻ گهرجي ها ته ڇا عالم آهي اسٽيج تان هيٺ لهي ويو پر الٽو ماڻهو مون کي چئي رهيا هئا ته مان ڇوڪرين سان نه مليس.ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته يتيم خاني جي مالڪ مون کي چيو ته اهي سڀ منهنجون ڌيئرون آهن، جنهن تي مون کيس جواب ڏنو ته اوهان کي به هنن ٻارڙين کي هٿ لاهڻ حرام آهي اهو ڪٿان جو معاشرو آهي، ڌيءَ چوڻ ۾ ڪابه غلط ڳالهه نه آهي پر نابالغ کي اوهان هٿ به نٿا لاهي سگهو.ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ هندو منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندا آهن، آئون جنهن به تقريب ۾ ويندو آهيان ته اتي چيو ويندو آهي ته ڊاڪٽر صاحب کان ڇوڪرين کي پري رکيو وڃي. عالمي مذهبي اسڪالر وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ ٽي وي ميزبان سوال پڇڻ لاءِ منهنجي ويجهو اينديون رهيو، مان پوئتي هٽندو رهيس ۽ هو منهنجي مٿان چڙهنديون رهيون مون کي حيرت ٿي ته اوهان مسلمان آهيو، هي ٿي ڇا رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڌيءَ چوڻ ۾ ڪابه غلط ڳالهه نه آهي پر اوهان انهي جي پرورش ڪريو، پر هٿ لاهڻ جو حق اوهان کي به نه آهي. ڌيءَ چوڻ سان نٿي ٿي وڃي ڇو ته ائين ڪرڻ حرام آهي.